SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Arab-Israel Conflict

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ærəb
  • israel
  • kənflikt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Arab-Israel Conflict

عرب- اسرائيل ڪانفلڪٽ

عرب اسرائيلي تڪرار

ڪن مبصرن جو خيال آهي ته صيهونيت جي تسليمي ۽ عثماني سلطنت جي ناڪاميءَ کانپوءِ دُنيا جي يهودين جي فلسطين ڏانهن ٿيل لڏپلاڻ سان ئي عربن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڦڏو شروع ٿي ويو هُو. ڪن جو خيال آهي ته اِهو تڪرار، اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ سان شروع ٿيو آهي. 1948ع ۾ عرب ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پهرين جنگ لڳي، جنهن ۾ عرب ملڪن کي وڏي شڪست آئي ۽ اسرائيل فلسطين سميت ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو. عرب ملڪن، خاص ڪري مصر ۽ اسرائيل وچ ۾ ٻي جنگ سوئيز واهه تي قبضي تان 1956ع ۾، ٽين جنگ 1967ع ۾ ( جنهن جي نتيجي ۾ سينائي جي رڻ پٽ ، غَذا جي پٽيءَ ، بيت المُقدس ، بيت اللحم ۽ هيبرون وغيره جي عرب علائقن تي اسرائيل جو قبضو ٿي ويو ) ۽ چوٿين جنگ 1973ع ۾ لڳي . جڏهن ته 1982ع ۾ آزادي پسند فلسطيني گوريلن خلاف آپريشن ڪندي اسرائيلي فوجن جي طرفان بيروت تي ڪيل چڙهائيءَ کي به ڪُجهه مبصر مڪمل جنگ طور ڳڻين ٿا . مغربي ملڪن ۽ آمريڪي مدد هجڻ ڪري ، لڳ ڀڳ سڀني جنگين ۾ ، اسرائيل کي سوڀ حاصل ٿي ، جنهن عربن کي ڏاڍو دلگير ڪيو ۽ سندن فوجي اهليت بابت غيريقيني پيدا ڪئي . اڄڪلهه به اهو جهڳڙو جاري آهي ، پر هاڻي انهيءَ تڪرار ۾ فلسطيني پاڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ، جڏهن ته ٻين عرب ملڪن جي دلچسپي گهٽجي ويئي آهي


Remember Me Also:

پلٽڻ، پلٽڻ

ث. [انگ. ]Battalin فوج ، لشڪر ، سپاهه. ملٽري. فوج جو جَٿو. سپاهه جو دستو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal